پتراجايا – 04 فيبروري (ا?? پي پي) پاڪستان ۽ ملائيشيا جوابدارن جي حوالگي جي معاهدي تي صحيحون ڪيون آه??. وزيراعظم عمران خان جي ملائيشيا جي دوري دوران پرڏيهي وزير شاهه محمود قر??شي ۽ ملائيشيا جي قانون واري وزير ليوو يو ??يانگ معاهدي تي صحيحون ڪيون. وزيراعظم عمران خان ۽ ملائيشيا جو وزيراعظم ڊاڪٽر مهاتي?? محمد به ان موقعي تي موجود هئا.