اسلام آباد – 25 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته اسان کي ??ڏجي سي پيڪ سان جڙيل غلط بياني کي ??ڪست ڏيڻي آهي، سي پيڪ مان مڪمل لاڀ پرائڻ لاءِ ميڊيا جو ڪردار اهم هوندو، چيني ۽ پاڪستاني ميڊيا گڏجي چيني سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ متوجهه ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، قومي مفاد لاءِ ميڊيا کي مجموعي طور تي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، هڪ ڄاڻي واڻي منفي خبر به قومي مفاد کي نقصان پهچائي سگهي ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار هن چين جي سرڪاري نيوز ايجنسي ”زينوا“ آل ميڊيا سروسز جي وچ ۾ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحن جي تقريب کي ??طاب ڪندي ڪيو.