اسلام آباد – 24 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي مع??ون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته علاج لاءِ نواز شريف کي ٻاهر وڃڻ جو فيصلو عدالت کي ڪرڻو آهي، نجي ٽيلي ويزن جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته ن??ب ۽ عدالت جي قانونن موجب نواز شريف کي جيڪي سهولتون فراهم ??ري سگهجن ٿيون اهي حڪومت فراهم ??ري رهي آهي. هن چيو ته اهڙو ڪو به قي??ي جيڪو پاڪستان جي ڪنهن جيل ۾ قي?? آهي جي لاءِ قانون واضح آهن ۽ ان جي حوالي سان فيصلو به عدالتون ڪنديون. حڪومت وٽ ان جو اختيار نه آهي.