اسلام آباد-21 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاور سيڪٽر ۾ گ??رن??س ??ي مضبوط ڪرڻ لاءِ حڪومت جي مڪمل عزم جو اظهار ڪيو آهي. نائب وزيراعظم آفيس مان جاري پڌرائي موجب سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي ص??ارت هيٺ پاور ڊسٽري بيوشن ڪمپنين (ڊسڪوز) جي نئين جوڙيل بورڊز آف ڊائريڪٽرز جي چيئرپرسنز جو ??جل??س ٿيو. ??جل??س ۾ بجلي واري وزير سردار اويس احمد خان لغاري به شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊسڪوز طرفان انتهائي ضروري انساني وسيلن تي ڌيان جي حوالي سان ??جل??س کي آگاهه ڪيو ويو. ??جل??س دوران بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي چيئرپرسنز کي هدايت ڪئي وئي ته انساني وسيلن جي ضرورتن جي سطح کي فعال ضرورتن ۽ وڌ کان وڌ افاديت لاءِ آئوٽ سورسنگ جي اصولن، لائن لاسز ۾ گهٽتائي، بجلي چوري جي خاتمي ۽ ڪسٽمر ڪيئر جي روشني ۾ ٻيهر جائزو ورتو وڃي. نائب وزيراعظم ڊسڪوز ۾ گ??رن??س جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ حڪومت جي مڪمل عزم جو اظهار ڪيو.