دي هيگ- 22 ن??مب?? (اي پي پي) اسرائيل آمريڪا ۽ ارجنٽائن عالمي فوجداري عدالت (آءِ سي سي) پاران اسرائيلي و??ير??عظم ۽ ??فا?? واري وزير جي گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻ جي مذمت ڪئي آهي، جڏهن ته يورپي يونين جي ميمبر ملڪن، انساني حقن جي تنظيمن ۽ فلسطيني اٿارٽي ??سرائيلي اڳواڻن جي گرفتاري وارنٽ کي سٺو قدم قرار ڏنو آهي.گرفتاري وارنٽ غزه ۾ آڪٽوبر 2023ع کان جاري اسرائيلي فوجي ڪاررواين دوران جنگي ڏوهن جي الزامن هيٺ جاري ڪيا ويا آهن. اسرائيلي و??ير??عظم بينجمن نتين ياهو عدالتي قدم کي يهودي مخالف قرار ڏيندي چيو آهي ته اهو جديد دور جي ڊريفس ٽرائل وانگر آهي جيڪو ان ئي وانگر ختم ٿي ويندو. آمريڪي صدر آءِ سي سي پاران اسرائيلي اڳواڻن جي گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻ کي ڇڪتاڻ وارو فيصلو قرار ڏنو آهي، هن چيو ته اسان اسرائيل جي سلامتي کي لاحق خطرن خلاف اسرائيل سان گڏ آهيون. ارجنٽائن جي صدر جاويئر ميلي ”ايڪس“ تي جاري پوسٽ ۾ چيو ته سندن ملڪ ان عدالتي فيصلي سان اختلاف جو اعلان ڪري ٿو، جيڪو حملن جي جواب ۾ اسرائيل جي ??فا?? جي حق کي نظر انداز ڪري ٿو. يورپي يونين ۽ پرڏيهي پاليسي جي سربراهه جوزف بوريل چيو آهي ته اهو عالمي عدالت جو فيصلو آهي ان جو احترام ڪندي ان تي عملدرآمد ڪرڻ گهرجي. فلسطيني اٿارٽي چيو آهي ته آءِ سي سي جو فيصلو عالمي قانوني ادارن ۾ اميد ۽ اعتماد جو اظهار آهي. فلسطيني اٿارٽي ??ءِ سي سي جي فيصلي کي عالمي ادارن ۾ اميد ۽ اعتماد جو اظهار قرار ڏنو آهي. فلسطيني اٿارٽي ??دالتي ميمبرن تي زور ڀريو آهي ته اهي نتين ياهو ۽ يوايو گيلانٽ سان رابطا ۽ ملاقاتون ختم ڪرڻ واري پاليسي تي عملدرآمد ڪري. ايمنسٽي ??نٽرنيشنل جي سيڪريٽري جنرل ايگنس ڪالامرڊ جو چوڻ آهي ته آءِ سي سي پاران گرفتاري وارنٽ جاري ٿيڻ کانپوءِ اسرائيلي و??ير??عظم نتين ياهو هاڻي سرڪاري طور تي هڪ گهربل ماڻهو آهي. ترڪ پرڏيهي وزير هاڪن فيدان اسرائيلي اڳواڻن جي گرفتاري وارنٽ جاري ڪرڻ واري قدم جي تعريف ڪندي ان کي اهم قرار ڏنو. اٽلي جي ??فا?? واري وزير گويدو ڪاسٽيو چيو آهي ته اسان جو ملڪ اسرائيلي و??ير??عظم بينجمن نتين ياهو ۽ ??فا?? واري وزير يوايو گيلانٽ جي دوري جي موقعي تي انهن کي گرفتار ڪرڻ جو پابند هوندو. اسپين جي حڪومت جو پڻ اهو چوڻ آهي ته انهن جو ملڪ ان فيصلي جو احترام ڪندي ان جي پابندي ڪندو. اسپين جي عملدارن جو چوڻ آهي ته انهن پاران روم جي آئين ۽ عالمي قانون کي پورو ڪرڻ جي حوالي سان اسان کي پنهنجون ذميواريون پوريون ڪرڻيون پونديون. هوڏانهن بيلجيئم جي پرڏيهي وزارت جو پڻ چوڻ آهي ته ڏوهه جتي به هوندو بيلجيئم ان جي سزا تي ڪنهن به قسم جي ڇوٽ جي خلاف هوندو.