اسلام آباد – 11 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري چيو آهي ته پاڪستان جاپان سان پنهنجي پراڻن دوستاڻن لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو، ٻنهي ملڪن ۾ اقتصادي ۽ سماجي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جا وسيع مو??عا موجود آهن. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن جاپان جي سفير ڪنوري مستسودا سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ?? ٻطرفن لاڳاپن، خطي ۾ امن ۽ سلامتي جي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي مع??ملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئ?? وئي. ملاقات ?? ڊپٽي اسپيڪر چيو ته پاڪستان جاپان سان پنهنجي پراڻن دوستاڻن لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو. ٻنهي ملڪن ۾ اقتصادي ۽ سماجي شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جا وسيع مو??عا موجود آهن. پاڪستان ۾ زراعت، مع??نيات، سياحت، ماهيگيري، تعميرات ?? توانائي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جا وڏا مو??عا موجود آهن. موجوده حڪومت پاڪستان ۾ هائوسنگ شعبي ۾ تمام گهڻيون مراعتون ڏئي رهي آهي، ان شعبي ۾ جاپان جي سيڙپڪارن جي لاءِ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا بهترين مو??عا آهن.