ڪراچي – 17 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان پاڪستان تحريڪ انصاف سنڌ جي صوبائي اسيمبلي ميمبرن ملاقات ڪئي جنهن ۾ سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل، سامونڊي معاملن وارو وفاقي وزير سيد علي زيدي ۽ خاص معاون ڊاڪٽر ثانيه نشتر پڻ موجود هئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب و??يراعظم سان ملاقات ڪندڙ صوبائي اسيمبلي ميمبرن ۾ عمر عماري، ڊاڪٽر سيد عمران علي شاهه، ارسلان تاج حسين، بلال احمد، سيد فردوس شميم نقوي، حليم عادل شيخ، جمال الدين صديقي، ڪريم بخش گبول، محمد علي عزيز، مير رمض??ن، شهزاد قريشي، ملڪ شهزاد اعواڻ، ربستان خ??ن، سيد احمد، شاهه نواز جدون، محمد اسلم ابڙو، شهريار خ??ن، عديل احمد، راجا اظهر خ??ن، ڊاڪٽر گنجي گنگواڻي، طاهره دعا ڀٽو، سدره عمر??ن، ڊاڪٽر سيما ضياءَ، رابيعه اظفر شامل هئا. اسيمبلي ميمبرن وزيراعظم کي سنڌ اچڻ تي ڀليڪار چيو ۽ تازي بجيٽ تجويزن، ڪورونا وبا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ حڪمت عملي ۽ احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام جاري ڪرڻ تي کيس ڀرپور خ??اج تحسين پيش ڪيو.