اسلام آباد – 14 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم جي سماجي تحفظ ۽ غربت گهٽايو بابت خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر چيو آهي ته ??حساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام تحت هنگامي طور تي رقم جي ورهاست دوران ڪورونا کان بچاءُ لاءِ سخت حفاظتي قد?? کنيا ويا آهن، پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته ??دائيگي مرڪزن تي ڪورونا وائرس کان بچاءُ جي احتياطي تدبيرن تي عملدرآمد ڪيو پيو وڃي، ادائيگين جي مرڪزن تي ان سلسلي ۾ سينيٽائيزر رکيا ويا آهن جڏهن ته معذور ۽ بزرگ ماڻهن لاءِ به خصوصي قد?? کنيا ويا آهن، ڪجهه مرڪزن تي اسپري وارا واڪ ٿرو گيٽس به لڳايا ويا آهن ۽ معذو?? ماڻهن وٽ وڃي انهن جي بايوميٽرڪ ڪئي پئي وڃي.