اسلام آباد – 10 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خ??ص معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته پارليامينٽ ۾ قانونسازي ڪرڻ، ايوان کي هلائڻ حڪومت ۽ مخالف ڌر ٻنهي جي گڏيل ??ميداري ۽ فرض آهي، مخالف ڌر ڄاڻي ٿي ته هن وقت پوري دنيا جون نظرون پاڪستان جي پارليامينٽ تي آهن، مخالف ڌر ضدي ۽ ناراض ٻار جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي، پارليامينٽ ميمبرن کي پگهار قوم جي پئسن مان ئي ملندو آهي، ان لا??ِ کين قومي مفاد ۽ قومي سلامتي جي معاملي تي قانونسازي لا??ِ حڪومت جو ساٿ ڏيڻ گهرجي، حڪومت تي وڌيڪ ذميداري آهي ۽ وزيراعظم عمران خان به چاهي ٿو ته موثر قانونسازي جي ذريعي اهو معاملو پڄاڻي ت??ئي?? پهچي. نجي ٽي وي چئنل سان ڳاله??ئي??دي خاص معاون چيو ته مخالف ڌر ناجائز مطالبا مڃرائڻ لا??ِ اهڙا حربا استعمال ڪري رهي آهي.