اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام ڪشميرين جي خودمختياري واري حق کي حاصل ڪرڻ جي جدوجهد ۾ انهن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي ۽ ڀارتي ظلم ۽ بربريت جي خلاف هر فورم تي آواز اٿاريندا رهنداسين. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري پريس رليز موجب اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم عمران خان آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم سردار عبدالقيوم نيازي سان ملاقات دوران ڪيو. جنهن ۾ آزاد ڪشمير جي م??موعي صورتحال ۽ آئنده لاءِ تعمير ۽ ترقي جي لائحه عمل تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، وزيراعظم عمران خان سردار عبدالقيوم نيازي کي آزاد ڪشمير جي وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي م??ارڪباد پيش ڪئي. آزاد ڪشمير جي وزيراعظم عبدالقيوم نيازي مٿس اعتماد ڪرڻ تي وزيراعظم عمران خان جو ٿورو ادا ڪيو. آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چيو ته سندس حڪومت جي ترجيح جتي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي م??ئلن جو حل آهي اتي سرحد پار پنهنجي ڀينرن ۽ ڀائرن جي م??ئلن کي عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ لاءِ به هر ممڪن ڪو??ش ڪرڻ آهي، جيڪي ڀارت جي غير قانوني ڏاڍ ۾ بي پناهه مسئلن جو شڪار ۽ سختيون برداشت ڪري رهيا آهن، وزيراعظم عمران خان ان موقعي تي چيو ته پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام ڪشميرين جي خودمختياري واري حق کي حاصل ڪرڻ جي جدوجهد ۾ ساڻس ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي ۽ ڀارتي ظلم ۽ بربريت جي خلاف هر فورم تي آواز اٿاريندا رهنداسين.