اسلام آباد – 27 جولاءِ (اي پي پي) پاڪ ??فغ??ن ٻن ڏينهن وارو ميڊيا ڪنڪليو اڄ اربع ڏينهن کان وفاقي گادي واري ش??ر اسلام آباد ۾ شروع ٿي رهيو آهي، ٻن ڏينهن واري ميڊيا ڪنڪليو جو اهتمام پاڪ ??فغ??ن يوٿ فورم ۽ انسٽيٽيوٽ آف ريجنل اسٽيڊيز اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزارت جي تعان سان ڪيو آهي. ميڊيا ڪنڪليو ۾ پ??ڪستان ۽ ??فغ??نستان جي ميڊيا ۽ ميڊيا جي شعبن جا ماهر ٻنهي ملڪن جي ميڊيا جي وچ ۾ تعاون، گڏيل رابطن جي فروغ، ميڊيا جي ذريعي جامع اقتصادي ر??هد??ري جي قيام، چين پاڪستان اقتصادي لنگهه جي ذريعي خطي جي نوجوانن لاءِ پيدا ٿيندڙ موقعن، راندين ۽ ثقافتي سرگرمين جي ذريعي تعاون ۾ اضافو ۽ گڏيل اقتصادي فائدي لاءِ قدمن ۽ امڪانن تي غور ڪندا. ٻن ڏينهن وارو ميڊيا ڪنڪليو جي افتتاحي سيشن جو خاص مهمان اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين هوندو جيڪو ان موقعي تي اهم خطاب ڪندو. جاري ڪيل شيڊول موجب ڪنڪليو جي پهرين ڏينهن پاڪستان ۽ ??فغ??نستان جي ميڊيا جي وچ ۾ تعاون تي مباحثو ٿيندو، ان مباحثي ۾ پ??ڪستان کان نسيم زهره، هارون شاهه ۽ سفير منصور احمد خان جڏهن ته ??فغ??نستان کان جاويد هاشم ڪاڪڙ، شگفته صديقي ۽ رابعه سادات حصو وٺندا جڏهن ته ماڊريٽر جا فرض ناديه نقي انجام ڏيندي. پهرين ڏينهن جي ٻي سيشن ۾ ٻنهي ملڪن جا شرڪت ڪندڙ جامع اقتصادي ر??هد??ري جي قيام ۾ ميڊيا جي ڪردار تي ڳالهائيندا جنهن ۾ پ??ڪستان کان حسن خان، قومي اسيمبلي ميمبر شاندانه گلزار ۽ ??فغ??نستان کان اسد کوسا، عرفان س??نان ۽ زهره صديقي شامل آهن. سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪيمٽي جو چيئرمين س??نيٽر فيصل جاويد گيسٽ آف آنر طور اهم خطاب ڪندو، پاڪ – ??فغ??ن ٻن ڏينهن وارو ميڊيا ڪنڪليو جي ٻي ڏينهن پهرئين س??شن ۾ تفريحي صنعت ۽ اسپورٽس جرنلزم جي ذريعي رابطن کي فروغ تي مباحثو ٿيندو جنهن ۾ پ??ڪستان کان جاويد شيخ، طاهر خان ۽ عثمان پيرزاده جڏهن ته ??فغ??نستان کان فريد الدين عظيم ۽ ابراهيم مهمند حصو وٺندا، اطلاعات ۽ نشريات وارو مملڪتي وزير فرخ حبيب ان موقعي تي اهم خطاب ڪندو. ٻي سيشن ۾ مباحثي جو موضوع امن جي ر??هد??ري – سي پيڪ، ترقي ۽ نوجوان آبادي هوندو جنهن ۾ هارون رشيد ماهراڻي راءِ ڏيندو جڏهن ته قومي اسيمبلي ميمبر عندليب عباس اهم خطاب ڪندي، ٻن ڏينهن واري ميڊيا ڪنڪليو جي پڄاڻي واري سيشن جو خاص مهمان قومي اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان س??ري هوندو، هو ان موقعي تي اهم خطاب به ڪندو.