اسلام آباد – 17 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي ۾ حڪ??مت ۽ مخالف ڌر جي وچ ۾ طئي ڪيو ويو آهي ته هڪٻئي جي پارلياماني اڳواڻن جو احترام ڪيو ويندو انهن جي تقريرن ۾ غير قانو??ي طريقي سان مداخلت نه ڪئي ويندي، رولز جو احترام نه ڪرڻ، ايوان ۾ اُلرون ڪرڻ تي سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، جڏهن ته 10 جون ??ي قومي اسيمبلي ۾ ٿيندڙ قانونسازي تي مخالف ڌر جي خدشن کي سامهون ??کندي 12 رڪني ڪميٽي جوڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن کانپوءِ مخالف ڌر جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري جي خلاف عدم اع??ماد واري رٿ واپس ورتي وئي آهي، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته گذريل ٻن ڏينهن دوران ايوان ۾ پيش آيل اڻوڻندڙ واقعن کانپوءِ حڪ??مت مخالف ڌر سان رابطو ڪيو جنهن کانپوءِ اهم اڳڀرائي ٿي آهي ان ۾ مخالف ڌر پاران اهو موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته قانونسازي آئيني گهرجون پوريون ڪندي قانون موجب ڪئي وئي آهي، جنهن تي ان جي جائزي ??اءِ 12 رڪني ڪميٽي جوڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جيڪو انهن اع??راضن جو جائزو وٺندي ان ڪميٽي ۾ حڪ??مت ۽ مخالف ڌر کان 6، 6 ميمبر شامل ٿيندا ان کانسواءِ اها ڪميٽي قانو??ي طريقيڪار تي به غور ڪندي، جڏهن ته مخالف ڌر انهن بلن تي غور لاءِ ڪميٽي جي قيام کانپوءِ عدم اع??ماد جي رٿ واپس وٺندي