اسلام آباد – 11 جون (اي پي پي) ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير شوڪت ترين چيو آهي ته اين??ڙ مالي سال جي بجيٽ جو مجموعي ڪاٿو 8487 ارب رپيا آهي جيڪو گذريل ??ال جي 7136 ارب رپين جي بجيٽ کان 19 سيڪڙو وڌيڪ آه??، نئين مالي سال ۾ زراعت جي لاءِ واڌاري جي شرح 3.5 سيڪڙو، صنعت 6.5 سيڪڙو ۽ خدمتن جي شعبي ۾ واڌاري جو هدف 4.7 سيڪڙو مقرر ڪيو پيو وڃي. سماجي رابطن جي ويب سائ??ٽ ٽوئيٽر تي جاري پيغامن ۾ هن چيو ته هلندڙ سال زرعي شعبي ۾ رڪارڊ ترقي ??ي آهي ۽ آبادگارن جي آمدني ۾ 32 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، حڪومت اين??ڙ مالي سال جي لاءِ واڌاري جو هدف 4.8 سيڪڙو رکي رهي آهي.