فيصل آباد – پهرين مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير ميان فرخ حبيب شهر جي مختلف يوٽيلٽي اسٽور?? جو اوچتو دورو ڪيو ۽ اتي موجود ش??ن جي ڪوالٽي ۽ وزن ۽ اگهه چيڪ ڪيا جڏهن ته خريدارن کان ش??ن جي قيمتن ۽ معيار بابت پڻ معلوم ڪيو. مملڪتي وزير يوٽيلٽي اسٽورز جي سمن آباد ڦاٽڪ و??جهو ۽ سمندري روڊ چناب گارڊن ڪالوني برانچز ۾ ويو ۽ اتي دستياب ش??ن جو جائزو ورتو. هن خريداري ۾ مصروف شهرين کان کاڌي پيتي جي ش??ن جي مقدار ۽ معيار بابت معلوم ڪيو ۽ ڪجهه پيڪ ش??ن جو وزن ڪري انهن جي مقدار چيڪ ڪرڻ سميت انهن تي لکيل تياري جي تاريخ پڻ چيڪ ڪئي.