اسلام آباد – 08 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽ?? جي منصوبي فراش ٽائون اپارٽمنٽس اسلام آباد جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو آهي. اهو منص??بو ايف ڊبليو او، سي ڊي اي ۽ نئون پاڪستان هائوسنگ اينڊ ڊولپمينٽ اٿارٽ?? جي سهڪار سان ٽن سالن جي مدي ۾ مڪمل ٿيندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب منصوبي ۾ جديد سهولتن سان آراسته 3960 فليٽس ٺاهيا ويندا، جيڪي رهواسين کي سستي رهائشي ف??اه?? ڪندا. 84 ايڪڙ تي ٻڌل ان منصوبي ۾ وزيراعظم جي ويزن موجب وچولي طبقي ۽ ڪچي آبادين ??ي رهواسين لاءِ خصوصي طور تي فليٽس مختص ڪيا ويا آهن، منصوب?? جي ماحولياتي رخ کي نظر ۾ رکندي گرين ??يلٽس ۽ پارڪس جي قيام کي به خصوصي ڌيان ڏنو ويو آهي، وزيراعظم ان موقعي تي ٻوٽو به لڳايو.