اسلام آباد – 12 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته ايندڙ ڪجهه مهينن تائين گئس جي قيمت ۾ اضافو نه ڪيو وڃي، ڪڻڪ جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي ??ڪومتي ۽ نجي شعبي پاران مستقبل ۾ ڪڻڪ جي درآمد جا فيصلا وقت تي ڪيا وڃن، جڏهن ته وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته رمضان ۾ 7 ارب روپين جي پيڪيج جي منظوري ڏني وئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اٽي، کنڊ ۽ ٻين ضروري شين جي ق??مت?? جي حوالي سان جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار، ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، محمد حماد اظهر، سيد فخر امام، عمر ايوب، اسد عمر، خاص مددگار نعيم بابر، ڊاڪٽر وق??ر مسعود، تابش گوهر، ناڻي وارو اڳوڻو وزير شوڪت ترين، وفاقي سيڪريٽرين ۽ ٻين سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ بنيادي ??روري شين خاص طور تي اٽي جي قيمت ۾ استحڪام، کنڊ جي موجوده ق??مت?? ۾ گهٽتائي آڻڻ جي حوالي سان قدمن، گئس ۽ پيٽرول جي ق??مت?? جي حوالي سان معاملن تي غور ڪيو ويو. وزيراعظم حڪومتي معاشي ٽيم کي هدايت ڪئي ته حڪومت پاران ٽارگيٽيڊ سبسڊي اسڪيم متعارف ٿيڻ تائين اٽي جي ق??مت?? ۾ استحڪام کي يقيني بڻايو وڃي. وزيراعظم عمران خان چيو ته غريب ماڻهن کي اٽي جي حوالي سان س??و سنئون سبسڊي جي فراهمي لاءِ مفصل پروگرام متعارف ڪرايو پيو وڃي جنهن جي ڪري اٽي جي خريداري جي حوالي سان معاشري جي ڪمزور طبقن کي حڪومت پاران س??و سنئون سبسڊي فراهم ڪئي ويندي. هن چيو ته حڪومتي سبسڊي جو مقصد معاشري جي ڪمزور طبقن جي مالي مدد آهي ته جيئن ان تي مهانگائي جو ب??ر ممڪن حد تائين گهٽ ڪري سگهجي.