اسلام آباد – 08 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پي ڊي ايم جي ڦوڪڻي مان هوا نڪري چڪي آهي، هاڻي ڪجهه سياسي ??تيم لاشن تي سياست ڪري رهيا آهن، مخالف ڌر هڪ دردناڪ واقع?? کي پنهنجي سياسي ??قصدن جي لاءِ استعمال ڪري رهي آهي، وزيراعظم عمران خان قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي حڪم جار?? ڪيا آهن ته هو واقعي جي ذميدارن جو پتو لڳائين ۽ انهن ک?? ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائ??ند?? ڪيو. هن چيو ته مخالف ڌر مڇ واقع?? کي سياسي رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، پوري قوم ڄاڻي ٿي ته مسلم ليگ (ن) جا سياسي ??تيم ڪنهن جي لاءِ اتي ويا آهن،عوام پي ڊي ايم ۽ ان جي بيان?? کي رد ڪري چڪي آهي، اهي ماڻهو لاشن تي سياست چمڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، هن چيو ته ان کان اڳ بلوچستان ۾ 7 فوجي اهلڪار شهيد ٿيا، ان تي مخالف ڌر اڳواڻن ڪا ڳالهه ناهي ڪئي، ماڊل ٽ??ئون واقعي ۾ مريم نواز جو چاچو ملوث هو، ان وقت سندس والد نواز شريف ملڪ جو وزيراعظم هو پر ماڊل ٽ??ئون جي واقعي دوران کيس متاثرين جي ياد نه آئي، هاڻي اهي پنهنجو سياسي دڪان چمڪائڻ لاءِ هزاره برادري سان همدردي جو اظهار ۽ انهن جي لاشن تي سياست ڪري رهيا آهن.