اسلام آباد – 29 – ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ??سپيڪر اسد قيصر سان پاڪستان ۾ چين جي ??فير نونگ رونگ ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻه طرفي لاڳاپن، اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، اسپيڪر چيني سفير سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ منفرد نوعيت جا دوستاڻا لاڳاپا دنيا جي لاءِ هڪ مث??ل آهن، ٻنهي دوست م??ڪن جا لاڳاپا گڏيل احترام، اعتماد، مفادن ۽ اسٽريٽجڪ حصيداري تي هموار آهن. ٻنهي دوست م??ڪن جي وچ ۾ لاڳاپا هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ مضبوط کان مضبوط ٿي رهيا آهن، چين ۽ پاڪستان علائقائي ۽ عالمي معاملن تي هڪجهڙو موقف رکندڙ آهن ۽ ٻنهي دوست م??ڪن علائقائي۽ عالمي فورمن تي هڪٻئي جي موقف جي ??مايت ڪئي آهي.