اسلام آباد – 19 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته هڪ طرف ٻاهريان دشمن انڊين ڪرانيڪلز جي ذريعي پاڪستان جي خلاف ڪوڙي معلومات پکيڙڻ جو ڏوهه ڪري رهيا آهن ته ٻي طرف پي ڊي ايم ڪوڙ جو سهارو وٺي عوام ۾مايوسي پکيڙي رهي آهي، ٻنهي جي ڪوڙ ج?? واپار رنڱيل هٿن سان پڪڙيو ويو آهي. پنهنجي ٽ??ئيٽ ۾ وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته گ??ريل رات مناظري ۾ شاهد خاقان عباسي جي اها ئي ??الت هئي ??يڪا ”هارڊ ٽاڪ“ ۾ استحاق ڊار جي هئي، سچ جي سامهون انهن جا هٿ پير ٿڌا ٿي و??ند?? آهن، هن چيو ته نديم بابر (ن) ليگي ڪوڙ جا ذرا ذرا ڪري ڇڏيا، هاريل ٽيم جي ٽاپ رانديگرن جي بي وسي ۽ لاچار ڏسڻ وٽان هئي.