لاهور – 07 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خ??ن چيو آهي ته گورننس جي بهتري ملڪ جي ترقي لاءِ ضروري آهي، ايندڙ نسلن جي لاءِ اسان کي ملڪ جو نظام ٺيڪ ڪرڻو آهي، ڪرپشن جي ڪا گ??جا??ش نه آهي، ٿاڻو ڪلچر تبديل ڪيو وڃي، ادارن ۾ جزا ۽ سزا جو نظام متعارف ڪرايو وڃي، سياسي دٻاءُ کانسواءِ ميرٽ تي ڪم ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پ??جا?? صوبي جي سول آفيسرن بشمول انتظامي کاتن جي سيڪريٽرين، ڪمشنرز، ڊپٽي ڪمشنرز، ريجنل پوليس آفيسرن سان وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي پ??جا?? جو وڏو وزير سردار عثمان بوزدار، پ??جا?? جو چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي پ??جا?? پڻ موجود هئا. وزيراعظم عمران خ??ن چيو ته پاڪستان کي مشڪل معاشي صورتحال درپيش ر??ي، معيشت قرضن جي بار هيٺ رهي، جنهن جي ڪري تعليم، صحت ۽ ترقياتي منصوبن جي لاءِ گهربل. وسيلن جي کوٽ درپيش ر??ي. هن چيو ته ڪرپشن جي ڪري به معيشت کي تمام گهڻو ??قصان پهتو آهي، انهي جي ڪري اسان جي حڪومت ڪرپشن جي خلاف جهاد شروع ڪيو، 60ع جي ڏهاڪي ۾ پاڪستان جي ترقي جا مثال ڏنا ويندا هئا، ڪرپشن سدائين مٿي ۽ ايليٽ طبقي کان شروع ٿئي ٿي. وزيراعظم عمران خ??ن چيو ته هي ملڪ اسان جو آهي، اسان جو جيئڻ مرڻ هن ئي ملڪ سان آهي، ايندڙ نسلن جي لاءِ نظام ٺيڪ ڪرڻو آهي، گورننس جي بهتري ملڪي ترقي جي لاءِ ضروري آهي. هن وقت ملڪ ۾ معاشي ترقي جي لاءِ سڀ کان اهم شعبو تعميرات جو آهي. ان سان روزگار جا موقعا ملندا.