اسلام آباد – 31 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته ملڪ جي سمورن صوبن سان ڪرونا سبب متاثر مريضن، اسپتالن ۾ سهولتن، ٽيسٽنگ ڪٽس ۽ وينٽي ليٽرز جي دستيابي سميت لاڳاپيل ڊيٽا گڏ ڪرڻ جو عمل منظم ڪيو وڃ??، عوام کي هر رخ کان مڪمل باخبر رکيو وڃ??، رليف جي فراهمي مڪمل ميرٽ تي يقيني بڻائي وڃ?? ۽ ان سلسلي ۾ ڪو به فرق نه ڪيو وڃ??. اهڙن خيالن ??و اظهار هن اڱاري ڏينهن ڪرونا وائرس جي رو??ٿام، تشخيص لاءِ سهولتن، موجوده صورتحال ۾ صنعتي عمل جي رواني کي يقيني بڻائڻ لاءِ قدمن، حڪومت پاران اقتصادي پيڪيج، بنيادي ضرري شين جي گهرج ۽ پهچ ، ايگريڪلچر جي شعبي جي حوالي سان قدمن ۽ نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي فيصلن ??ي عملدرآمد جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.