اسلام آباد– 23 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سوئيڊن ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي مذمت ۽ اسلامو فوبيا جي خلاف اجتماعي عزم جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته اظهار جي آزادي جي آڙ ۾ اسلام جي مقدس ڪتاب جي توهين سان اربين مسلمانن جي جذبن کي مجروح ڪيو ويو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته قرآن جي توهين جو عمل جاهلاڻو، چڙ ڏياريندڙ ۽ اسلامو فوبڪ آهي. اهو غيرقانوني ۽ غير اخلاقي واقعو بنا سبب چڙ ڏياريندڙ ۽ دنيا جي مسلمانن جي جذبن کي مجروح ڪرڻ جو عمل آهي. هن چيو ته اهو مذمت جوڳو عمل عالمي سطح تي تسليم ٿيندڙ اصولن ۽ اظهار جي جائز آزادي جي اصولن جي ابتڙ آهي. صدر چيو ته اظهار راءِ جي آزادي نفرت انگيز تقريرن ۽ ماڻهن کي تشدد تي اتساهڻ جي اجازت نه ٿي ڏي. اسلام دنيا جي سڀني مذهبن جي لاءِ عزت ۽ احترام جي تلقين ڪر?? ٿو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ان ڪڌي ف??ل سان مسلمانن جي مقدس ??در?? جي توهين ڪر?? ڏک پهچايو آهي. اهو عمل دنيا ۾ اسلامو فوبيا جي خطرناڪ سطح کي ظاهر ڪر?? ٿو. صدر چيو ته عالمي برادري اسلامو فوبيا جي خلاف گڏيل عزم جو مظاهرو ڪر??. هن رواداري ۽ گڏيل بقاءَ جي ??در?? کي مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ عالمي ڪوششن جي ض??ورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته نفرت جي نظريي کي فروغ ڏيندڙ ۽ انتهاپسند ۽ بنياد پرست عنصرن کي نفرت پکيڙڻ جي اجازت نه ڏيڻ گهرجي.