اسلام آباد – 26 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ ن??ري??ت واري مملڪتي وزير فرخ حبيب سان متحده عرب امارات (يو اي اي) جي سفير عماد عبيد ابراهيم الزابي ملاقات ڪئي. جنهن ۾ ميڊيا جي شعبي ۾ تعاون، سياحت، واپار ۽ ماحولياتي تبديلين سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اطلاعات ۽ ن??ري??ت واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چ??و ته گرين ڊپلوميسي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ ۾ نيون راهون فراهم ڪندي آهي، هن چ??و ته متحده عرب امارات ۽ پاڪستان گڏيل اعتماد تي ٻڌل خوشگوار لاڳاپن مان مستفيد ٿي رهيا آهن، متحده عرب امارات پاڪستانين جي لاءِ ٻي گهر وانگر آهي، ملاقات ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو و??و ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي واپار جا وسيع امڪان موجود آهن جن کي استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي. مملڪتي وزير ٽيڪسٽائيل ۽ گارمينٽ جي صنعت ۾ ڪاروباري صلاحيتن جي فروغ ل??ءِ يو اي اي جي سفير الزابي جي فيصل آباد جي دوري کي ساراهيو، مملڪتي وزير فرخ حبيب يو اي اي جي سفير کي آگاهه ڪ??و ته پاڪستان جون زرعي ??صن??عات سڄي دنيا ۾ مشهور آهن، پاڪستاني واپارين جي ذريعي انهن شين کي وچ اوڀر جي مارڪيٽن تائين پهچ ملڻ سان ترقي جا نوان موقعا ميسر ايندا، ڌرين ٻنهي ملڪن جي سرڪاري نيوز ايجنسين جي وچ ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو، ان سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ آزاداڻي معلومات جي فراهمي ۽ هڪٻئي جي ثقافت کي سمجهڻ ۾ مدد ملندي.