لاهور – 09 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خ??ن چيو آهي ته ??اڪ??تان جي 64 سالا تاريخ ۾ رڳو 64 ڪروڙ وڻ لڳايا ويا جڏهن ته تحريڪ انصاف جي حڪومت 2013ع کان 2018ع تائين خيبرپختونخواهه صوبي ۾ هڪ ارب وڻ لڳايا، لاهور جو مياواڪي ٻي??و دنيا جو سڀ کان وڏو ٻي??و هوندو، سڄي دنيا وانگر ??اڪ??تان کي به ماحولياتي آلودگي درپيش آهي، ايندڙ نسلن کي صاف سٿرو ماحول ڏيڻ جي لاءِ اسان کي وڻ لڳائڻا پوندا. هو ڪلين اينڊ گرين ??اڪ??تان ويزن تحت سگيان لاهور ۾ مياواڪي ٻي??ي جي افتتاح جي موقعي تي ڳالهائي رهيو هو. ان موقعي تي پنجاب جو وڏو ??زير سردار عثمان بوزدار، وزيراعظم جو موسمياتي تبديلي وارو صلاحڪار ملڪ امين اسلم، اطلاعات ۽ نشريات وارو مملڪتي وزير فرخ حبيب، وزيراعظم جو خاص معاون شهباز گل، ٻي??ن وارو صوبائي وزير سبطين خ??ن، پي ايڇ اي ۽ ماحوليات کاتي جا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. وزيراعظم عمران خ??ن چيو ته مياواڪي ٻي??ن سان ماحولياتي آلودگي ۾ گهٽتائي ٿيندي، ڪلين اينڊ گرين ??اڪ??تان اسان جي منزل آهي. هن چيو ته ڪلين اينڊ گرين ??اڪ??تان مهم هڪ تحريڪ جي شڪل اختيار ڪري چڪي آهي، گلوبل وارمنگ جي ڪري زمين جو گرمي پد وڌي ويو آهي. هن چيو ته مياواڪي ٻي??ا لڳائڻ تي انتظاميا ۽ خاص طور تي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار کي مبارڪباد ڏيان ٿو. هن چيو ته ??اڪ??تان جي 64 سالا تاريخ ۾ 64 ڪروڙ وڻ لڳايا ويا جڏهن ته 2013ع کان 2018ع تائين رڳو خيبرپختونخواهه صوبي ۾ هڪ ارب وڻ لڳايا جنهن کانپوءِ سڄي ملڪ ۾ 10 ارب وڻ لڳائڻ جي منصوبي تي تيزي سان ڪم جاري آهي. هن چيو ته لاهور ڪڏهن باغن جو شهر هوندو هو، اسان ايندڙ نسلن جي لاءِ بهتر ملڪ ڇڏي وينداسين. وزيراعظم نوجوانن ۽ شاگردن تي زور ڏنو ته اهي پنهنجي حصي ??و هڪ هڪ ٻوٽو لڳائين ۽ ان جي سارسنڀال به ڪن ته جيئن اسان ايندڙ نسلن کي بهتر ۽ صاف ماحول ڏئي سگهون. ان موقعي تي وزيراعظم کي مياواڪي اربن فاريسٽ تي بريفنگ ڏني وئي. برينگ ۾ ٻڌايو ويو ته لاهور ۾ اهڙا 53 فاريسٽ قائم ڪيا پيا وڃن جيڪي لاهور جي فضا ۾ ڪاربن جي مقدار کي گهٽ ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا، 100 ڪينال تي ٻڌل جديد ٽيڪنالاجي سان لڳائي ويندڙ ان ٻي??ي ۾ مجموعي طور تي 165000 ٻوٽا لڳايا پيا وڃن جيڪي عام ٻي??ن جي ڀيٽ ۾ ڏهوڻ تي وڌيڪ تيزي سان وڌن ٿا. بعد ۾ وزيراعظم عمران خ??ن ٻوٽو لڳائي مياواڪي اربن فاريسٽ جو افتتاح ڪيو.