اسلام آباد – 14 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراع??م عمران خان چيو آهي ته وفاقي حڪومت ضم ٿيل علائقن جي بنا رنڊڪ تعمير ۽ ترقي جي لاءِ پرعزم آهي، صوبن جي روينيو ۽ آمدني جي ضلعي سطح تي شفاف ?? منصفاڻي ورڇ صوبن جي هڪ??هڙ?? تعمير ۽ ترقي جي عمل لاءِ بي حد ضروري آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان وجب هن اهڙن خيالن جو اظهار پنهنجي صدارت ۾ خيبرپختونخوا صوبي خاص طور تي ضم ٿيل علائقن ۽ پنجاب صوبي جي ترقياتي ضرورتن جي حوالي سان اعليٰ سطح جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو.