اسلام آباد – 17 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪراچي جو ماسٽر پلان ج??د کان ج??د مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي تعميرات جي شعبي سان لاڳاپيل ماڻهن ج?? لاءِ نظام کي آسان بڻائڻ جي ڪوششن تي اطمينان ج?? اظهار ڪندي هدايت ڪئي آهي ته سڀني صوبن ۾ اهڙا آن لائين نظام متعارف ڪرايا وڃن ج??ڪي استعمال ۾ سولا ۽ صارفين کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪن. ڪرپشن ڪلچر جي خاتمي ۽ زمين ج?? منتقلي جي معاملن ۾ ڊجيٽلائيزيشن نظام متعارف ڪرا??و وڃي، ڪرپٽ ۽ عوام جي لاءِ مسئلا پيد ا??ندڙ عنصرن خلاف سخت ڪارروائي يقيني بڻائي وڃي، هو ڪالهه هتي هائوسنگ ڪنسٽرڪشن اينڊ ڊولپمينٽ بابت ??يشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي صدارت ڪري رهيو هو، اجلاس ۾ اطلاعات وارو وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، خاص معاون سيد ذوالفقار عباس بخاري، ڊاڪٽر شهباز گل، نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جو چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر، اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر رضا باقر، سيڪريٽري ۽ اڏاوتن ج?? شعبي سان لاڳاپيل مشهور ڪاروباري شخصيتون موجود هيون.