اسلام آباد – 09 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيص?? چيو آهي ته ملڪ کي درپيش چئلينجز جي حل لاءِ تحقيق ۽ مڪالمي تي ٻڌل قانونسازي اڻٽر آهي، موجوده پارليامينٽ ۾ تحقيقي مقصدن لاءِ اسٽينڊ??گ ڪميٽين ۾ محققين ۽ تعليم جي ماهرن کي دعوت ڏني ويندي آهي ۽ انهن جي راءِ کي قانونسازي ۽ پاليسي سازي ۾ شامل ڪيو ويندو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن قومي اسيمبلي جي موسمياتي تبديلي بابت اسٽينڊ??گ ڪميٽي جي اهتمام هيٺ ”ماحول کي محفوظ بڻائڻ لاءِ حصيداري“ جي موضوع تي منعقد ٿيندڙ مڪالمي جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي ڪي??، مڪالمي ۾ اسڪالرز، محققين تعليمي ماهرن ۽ سول سوسائيٽي ۽ ميڊيا جي نمائندن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪ?? چيو ته ملڪ کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ اسان کي پنهنجي ذات ۽ ذاتي مفادن کان مٿانهون ڪري سوچڻو پوندو، هن چيو ته هن وقت ملڪ کي ماحولياتي تبديلين سميت ڪيترائ?? چئلينج درپيش آهن جنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان کي هڪ قوم بڻجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.