اسلام آ??اد – 08 آگسٽ (اي پي پي) پاڪ چين اقتصادي لنگهه جي چيئرمين عاصم سليم باجوه چيو آهي ته رش??ئي خصوصي اقتصادي زون قائم ڪرڻ جي معاهدي تي صحيحون هل??دڙ مهيني جي ٽئين هفتي ۾ ٿينديون. هن چيو ته سي پيڪ جو ٻيو مرحلو پڄاڻي جي مرحلن ۾ آهي جنهن جا ثمر عوام ??ائين پهچڻ شروع ٿي ويندا. هن چيو ته گوادر ۽ بلوچستان جي ٻين حصن جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جا مخطتلف منصوبا شروع ڪيا ويا آهن جن ۾ مقا??ي ماڻهن جي شرڪت يقيني بڻائڻ تي ڌيان ڏنو ويو آهي.