ڊيووس – 22 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان صرف امن جو حصيدار آهي، اسان ڪڏهن ??ه ڪنهن ٻي جي جنگ جو حصو نه بڻجنداسين، امن ۽ ??ست??ڪام کانسواءِ پاڪستان جي معيشت ترقي نٿي ڪري سگهي، پاڪستان آمريڪا ايران جي وچ ۾ ڇڪتاڻ جي خاتمي لاءِ ذميداراڻو ۽ پاڙيسري ملڪ افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. ڊيووس ۾ عالمي اقتصادي فورم کي خطاب ڪندي وزيراعظم ملڪ جي اقتصا??ي صورتحال جو ذڪر ڪندي چيو ته سندس حڪومت کي ورثي ۾ بدترين معيشت ملي، معاشي ??ست??ڪام لاءِ حڪومت کي مشڪل فيصلا ڪرڻا پيا جنهن جي نتيجي ۾ غير ملڪي پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ اضافو ٿيو ۽ روپئي جو ق??ر مستحڪم ٿيو جڏهن ته اسٽاڪ مارڪيٽ ترقي ڪئي.