رياض-27 مارچ (اي پي پي ) سعودي عرب جي واپار واري وزارت غير قانوني انعامي اسڪيمن کي هلائڻ ۽ انسداد واپار جعلسازي قانون جي خلاف ورزي تي 6 واپاري ادارن خلاف جاچ ??ي شروعات جاري آهي . اردو نيوز موجب وزارت پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته خوشبو ۽ پرفيومز جي شعبي ۾ ڪم ڪندڙ 6 ڪاروباري مرڪزن انعامي اس??يم جو اعلان ڪيو هو . ادارن پاران صارفين کي اسپيشل جيٽ، لگزري گ??ڏي?? ۽ بنگلا، سون جا سيٽ ?? اٺ ۽ سمارٽ فون جي انعامن جي ترغيب ڏني وئي هئي. انعامي اس??يم جو اعلان ڪاروباري مرڪز جي اليڪٽرونڪ شاپز ۽ سوشل ميڊيا اڪائونٽس تي ڪيو ويو بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته ڪاروباري مرڪز پاران انعامي اس??يم جي ضابطن جي خلاف ورزي ڪندي انعامي اس??يم ۾ شامل ٿيڻ لاءِ خريداري جي شرط رکي هئي هڪ ڪاروباري مرڪز انعامي اس??يم جي شروع ۽ ختم ٿيڻ جي تاريخ واضح نه ڪئي هئي. واپار واري وزارت انهن خلاف ورزين تي ڪاروباري مرڪزن جي اڳواڻن کي گهرائي ورتو ۽ انهن خلاف جاچ ??ي شروعات ڪئي آهي .