عزه – 16 نومبر (اي پي پي) اسرائي??ي فوج غزه جي سڀني کان وڏي اسپتال الشفا م??ڊيڪل ڪمپليڪس کي بلڊوزر سا?? ڊاهڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. فرانسيسي خابرو اداري مطابق غزه پٽي جي صحت واري وزارت خميس تي بيان ۾ چيو ته اسرائي??ي فوج غزه جي الشفا اسپتال جي ڏکڻ واري داخلي رستي کي بلڊوزر سان تباهه ڪري ڇڏيو آهي ۽ بلڊوزر اسپتال اندر بيهاري ڇڏيا آهن. اسرائي??ي فوج جو چوڻ آهي ته اسپتال ڪمپليڪس ۾ آپريشن جاري آهي. غزه پٽي ۾ اسرائي??ي فوج جي آپريشنز جي سربراهه ميجر جنرل يارون فنڪل مين فوج جي ٽيلي گرام ??ين?? تي ٻڌايو ته اسان الشفا اسپتال ۾ آپريشن شروع ڪيو آهي ۽ اسان مسلسل اڳتي وڌي رهيا آهيون.