مڪه مڪرمه – 09 – مئي (اي پ?? پي) وزيراعظم عمران خان وفد س??ن گڏ عمري جي سعادت حاصل ڪئي ۽ بيت الله ۾ نفل ادا ڪ??ا. وزيراعظم جي لاءِ خانه ڪعبه جا دروازا خصوصي طور تي کوليا ويا جتي هن نفل ادا ڪرڻ کانسواءِ مسلمان امت سان گڏوگڏ ملڪ جي سلامتي ۽ خوشحالي جي لاءِ دعا ڪئي. ان کان اڳ ڇنڇر ڏينهن مسجد نبوي ۾ رهندي وزيراعظم کي خصوصي طور تي رسول ڪريم ﷺ جي روضي مب??رڪ جي زيارت جو شرف حاصل ٿيو جنهن کي الحجرت النبويات الشريفه به چيو وڃي ٿو. وزيراعظم رسول ڪريم ﷺ جي روضي مب??رڪ تي هديه عقيدت پيش ڪيو. هن وفد س??ن گڏ هتي روزو افطار ڪيو، مغرب جي نماز ادا ڪئي، نفل پڙهيا ۽ مسجد نبوي صه ۾ نماز ادا ڪئي.