اسلام آباد – 11 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان رمضان المبارڪ شروع ٿيڻ کان اڳ احساس ڪير بکيو نه سم??ي پروگرام کي پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي وڌيڪ ٽن شهرن تائين سگهه ڏيڻ جو اعلان اڄ ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب احساس ڪير بکيو نه سم??ي پروگرام ذريعي انهن مزدورن، ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙن ۽ گهٽ اجرت ورڪرن کي مفت کاڌو ورهايو ويندو جيڪي احساس پناهگاهن ۽ لنگرخانن تائين پهچي نه ٿا سگهن. ورچوئل افتتاحي تقريب ۾ وزيراعظم عمران خان خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب جي وڏن وزيرن ۽ پارليامينٽرين سان گڏ فيصل آباد، لاهور ۽ پشاور ۾ ڪيترين ٽرڪ ڪچنز ذريعي، احساس ڪير بکيو نه سم??ي پروگرام تحت کاڌي جي مفت فراهمي جي سروس جو افتتاح ڪندو. ان پروگرام تحت هر ٽرڪ مخصوص سروس پوائنٽس تي روزانو 1500 کان 2000 ما??هن کي کاڌو ورهائيندي. کاڌي جي تياري ۽ فراهمي ٽرڪ ڪچن تان ئي ٿيندي. وزيراعظم احساس تحت 10 مارچ 2021ع تي راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙن کي ڏينهن ۾ به ڀيرا مفت کاڌي جا دٻا ڏيڻ جي لاءِ ٽرڪ ڪچن جي تصور سان ڪير بکيو نه سم??ي پروگرام شروع ڪيو ويو هو. ??نه?? تحت 37827 ما??هن کي کاڌو ورهايو ويو آه??. ??نه?? کي هاڻي وڌيڪ ٽن ضلعن تائين سگهه ڏني پئي وڃي.