اسلام آباد ??? 10 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته نوجوان نسل کي منشيات کان بچائڻ جي لاءِ ان لعنت جو خاتمو اولين ترجيح هجڻ گهرجي، ان سلسلي ۾ شعور پيدا ڪرڻ جي لاءِ قومي رابطا حڪمت عملي جوڙڻ جي ضرورت آهي. هو منشيات جي است??ما?? جي روڪٿام ۽ ذهني صحت بابت اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ پرڏيهي معاملن واري پارلياماني سيڪريٽري عندليب عباس، قومي اسيمبلي ميمبر ساجده ذوالفقار خان ?? فلاحي تنظيمن جي ميمبرن پڻ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ پاڪستان ۾ منشيات جي ڦهلاءُ جي صورتحال ۽ ان سان نوجوانن خاص طور تي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي شاگردن جي جسماني ۽ ذهني صحت کي لاڳو خطرن بابت بريفنگ ڏني وئي. صدر منشيات جي است??ما?? جي روڪٿام لاءِ رضاڪارن، استادن، و??لد??ن ۽ لاڳاپيل ٻين حصيدارن جي مدد سان بنيادي فريم ورڪ تيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.