اسلام آباد -06 ڊسمبر (اي پي پي) ت??زو ئي پاڪ بحريه ۾ شامل ڪيل جهاز پي اين ايس تبوڪ ترڪيءَ جي بندرگاهه اڪساز جو دورو ڪيو جتي ترڪ بحريه پاڪ بحريه جي جهاز جو استقبال ڪيو. پاڪ بحريه جي ترجمان موجب جهاز جي ڪمانڊنگ آفيسر ڪمانڊر اڪساز نيول بيس سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ??ڏي?? دلچسپي جي پيشيواراڻي معاملن ۽ ٻطرفي سامونڊي تعاون جي وڌيڪ فروغ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ترڪ بحريه جي عملدارن خ??ي ۾ ميري ٽائيم سيڪيورٽي جي لاءِ پاڪ بحريه جي ڪوششن کي ساراهيو. پي اين ايس تبوڪ ترڪ بحريه جي جهاز سان ??ڏي?? مشق ۾ پڻ حصو ورتو. پي اين ايس تبوڪ جو ترڪيءَ جو اهو دورو ٻنهي ملڪن خ??ص طور تي سامونڊي فوج جي وچ ۾ مضبوط ۽ ڀائراڻن لاڳاپن جو عڪاس آهي.