اسلام آباد – 03 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز سان پاڪستان فلم پروڊيوسرز ايسوسيئيشن جي وفد ملاقات ڪئي. وفد اطلاعات واري وزير کي فلمي صنعت کي درپيش مسئلن بابت تفصيلي آگاهه ڪندي چي?? ته فلمسازي کي بهتر بڻائڻ چاهيون ٿا، ان ڏس ۾ حڪومت جو تعاون گهربل آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چي?? ته فلمي صنعت جي ترقي ۽ بحالي پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت جي ترجيح آهي. هن چي?? ته ٻين ادارن وانگر ان شعبي کي به نئين دور جي گهرجن ??ان هم آهنگ هجڻ گهرجي، جيڪي ادارا پاڻ کي جديد گهرجن ??ان هم آهنگ نه ٿا ڪن اهي اهميت وڃائي ويهن ٿا، حڪومت فلمي صنعت جي فرو?? لاءِ سازگار ماحول جي فراهمي لاءِ پرعزم آهي.