اسلام آباد – 23 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته بيواهن جي عالمي ڏينهن تي بهادر ڪشميري عورتن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا، جنهن جا ور خودمختياري واري حق جي ج??وجهد تي قربا?? ٿي ويا ۽ ڀارتي قابض فوج جي ظلم ۽ ڏاڍ جو شڪار ٿيا. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته انه?? نيم بيواهن جي عزم ۽ صبر کي سلام جن جا ور ڀارتي عقوبت خانن ۾ بي رحماڻي تشدد جو نشانو بڻيل آهن.