اسلام آباد – 08 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آ??ي ته عوام جي لاءِ روزگار جا وسيع موقعا پيدا ڪرڻ جي لاءِ ننڍي ۽ وچين درجي جي ڪاروبار ۽ زرعي شعبي جي مدد ڪرڻ جي ضرورت آهي، سرڪاري شعبي جي ادارن جي سڌارن جو عمل تيز ڪرڻ گهرجي، سبسڊيز ڏيڻ جي عمل تي نظرثاني جي ضرورت آهي، موجوده دور جي اقتصادي چئلينجن کي ??نهن ڏيڻ جي لاءِ مسئلن جي مڪمل حل جي ضرورت آهي، عوام کي ??ڌ کان وڌ رليف ڏيڻ جي لاءِ ڪوششون ڪرڻ گهرجن، اڳتي سرڪاري شعبي جي سالياني ترقياتي پروگرام جي لاءِ ترجيحون ۽ هدف واضح هجڻ گهرجن ۽ منصوبا رڳو شروع ڪرڻ بدران انهن کي ??ڪمل ڪرڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.