اسلام آباد – 03 مارچ (اي پي پي) سينيٽ ۾ قائد ايوان سينيٽر شبلي فراز ??يو ??هي ته اسان سڀ ان ڳالهه تي متفق آهيون ته عمران خان ايماندار شخص ??هي ۽ سندس ڪو به ذاتي مفاد نه ??هي ۽ نه ئي هن جي ڪنهن سان ڪا ذاتي دشمني آهي، نواز شريف پنهنجي بيماري کي پاڻ تڪراري بڻايو آهي، سندس پارٽي ۾ به بيچيني پيدا ٿي وئي آهي، اسان جون ڪمزوريون ضرور آهن پر حڪومت ۾ ملڪ جي ڪمزور طبقن جي ڀلائي لاءِ آيا آهيون، ان ڳالهه کي ڪنهن به ص??رت ۾ قبول نه ڪيو وي??دو ته ڪو ماڻهو پاڪستان جي جهنڊي ۽ رياست خلاف نعرو هڻي، جيڪڏهن ان کي روڪيو وي?? ته گهرو ويڙهه ٿيندي، سڀني کي دعوت ڏيون ٿا ته پارليامينٽ ۾ اچي ڳالهائين، جيستائين ادارن ۾ سڌارا نه ايندا تيستائين ملڪ ترقي نه ڪري سگهندو، پاڪستان جلد ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ مان نڪري ايندو. قومي خابرو اداري (اي پي پي) جي هيڊڪوارٽر ۾ هڪ پينل انٽرويو ۾ هن چيو ته هر حڪومت جي خواهش هوندي ??هي ته ان جي لاءِ سياسي ۽ سماجي مسئلا نه ٿين.