لاهور – 03 ڊسمبر (اي پي پي) ايڊو??ٽا??يزنگ، مارڪيٽنگ ۽ ميڊيا جي شعبن سان تعلق رکندڙ ناليوارين ملڪي ۽ پرڏيهي شخصيت?? گم ٿيل ٻارن جي ڳولا ۽ ڏاج جي وبا جي خاتمي لاءِ ٽرڪ آرٽ وسيلي عوام ۾ شعور پيدا ڪرڻ جو خيال پيش ڪندي چيو آهي ته ايڊو??ٽا??يزنگ ۽ ميڊيا هڪ ٻئي جي لاءِ لازم ۽ ملزوم آهن، ايڊو??ٽا??يزنگ انڊسٽري لاهن ??اڙهن جي مرحلن مان گذرڻ کانپوءِ بهتري طرف گامزن آهي، اميد آهي ته اها انڊسٽري ٻيهر پنهنجي بلندين تائين پهچندي، برانڊ کي ڪامياب بڻائڻ جي لاءِ ايڊو??ٽا??يزنگ جو شعبو ا??تهائي اهميت رکي ٿو ۽ اسان اشتهارن ذريعي ڪيترين ئي قدرتي آفتن کان به بچي سگهون ٿا، 31هين ايڊ ايشيا ڪانفرنس منعقد ڪرڻ نه رڳو ملڪي سطح پر عالمي سطح تي ايڊو??ٽا??يزنگ کي مثبت انداز ۾ ڪم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي. اهڙن خيالن جو اظهار ٽن ڏينهن واري ايشين ايڊو??ٽا??يزنگ ايڊ ايشيا ڪانفرنس 2019ع جي افتتاحي ڏينهن مختلف سيشنز ۾ ڪيو ويو، جيڪا صوبائي گادي واري شهر لاهور ۾ الحمرا هال ۾ شروع ٿي.