اسلام آباد – 09 نومبر (اي پي پي) نئون پاڪس??ان هائوسنگ ڊولپمينٽ اٿارٽي (اين اي پي ايڇ ڊي اي) جي چيئرمين لفيٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر ڪوريا جي ڪمپني جي – سونگو جي پاڪس??ان ۾ پهرين فيبري ڪيٽڊ هائوس جو افتتاح ڪيو، سومر ڏي??هن پاڪ چائنه فرينڊشپ سينٽر ۾ ڪمپني پاران ڪيٽڊ هائوس جو ڊيمو پيش ڪيو ويو، ج??هن ۾ نئون پاڪس??ان ڊولپمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر، ڊپٽي چيئرمين ميجر جنرل عامر اسلم خان سميت ڪمپني جي نمائندن ۽ ٻين ماڻهن شرڪت ڪئي، ان ??وقعي تي ڳالهائيندي نئون پاڪس??ان هائوسنگ ڊولپمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين چيو ته پوئتي پيل ۽ غريب طبقن کي گهٽ لاڳت جي گهرن جي فراهمي حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي، ان ??قصد جي لاءِ حڪومت بلڊرز ۽ ٻين اسٽيڪ هولڊرز کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪندي، ڪمپني پاران ??ئون پاڪس??ان هائوسنگ ڊولپمنيٽ اٿارٽي جي چيئرمين کي بريفنگ ڏني وئي، ڪمپني جي نمائندن ٻڌايو ته ٻن ڪمرن تي ٻڌل گهر ستن ڏي??هن ۾ تيار ڪيو ويو آهي، گهڻين خاصيتن سان گڏ ان گهر جي ڄمار 50 سال آهي، هن ٻڌايو ته ان گهر جي تياري ۾ استعمال ٿيندڙ سامان ??اهران گهرايو ويو آهي، ان کي ملڪ جي اندر به تيار ڪري سگهجي ٿو، ان گهر جي تياري ۾ انسوليشن والس استعمال ڪئي وئي آهي، جيڪا راويتي گهر جي مقابلي ۾ 43 ڀيرا بهتر آهي، جڏهن ته اهو گهر باهه ۽ زلزلي جي خطرن کان به محفوظ آهي، هن ٻڌايو ته اسان جي ڪمپني چار ماڙ گهر ۽ اپارٽمينٽس جي تياري ڪري سگهي ٿي، هن ٻڌايو ته جديد ٽيڪنالاجي جي منتقلي سان ??ه رڳو غير ملڪي سيڙپڪاري ايندي پر ٽيڪنالاجي جي حامل تعميراتي ۽ لاڳاپيل شعبن روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۾ مدد ملندي، ڪمپني جي نمائيندي چيو ته ان جي ڪمپني وزيراعظم عمران خان جي 50 لک گهرن جي تعمير جي ويزن ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي، ڪمپني سالي??نو 18 هزار گهر ۽ اپارٽمينٽس تيار ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي، هن ٻڌايو ته وڌيڪ پيداواري سهولتن سان گڏ پيداوار ۾ اضافو ڪري سگهجي ٿو، ان کان اڳ نئون پاڪس??ان هائوسنگ ڊولپمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين ڪمپني پاران تيار ڪيل پهرين فيبريڪيٽڊ گهر جو معائنو ڪيو، ان ??وقعي تي نئون پاڪس??ان هائوسنگ اٿارٽي جو ڊپٽي چيئرمين ميجر جنرل (ر) عامر اسلم خان ۽ ٻيا سينئر عهديدار به موجود هئا.