اسلام آباد – 30 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پمز اسپتال اسلام آباد جو غير اعلانيه دورو ڪيو، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ۽ خصوصي صلا??ڪا?? ڊاڪٽر فيصل سلطان به گڏ هو، وزيراعظم اسپتال ج?? نئين ايمرجنسي بلاڪ جو معائنو ڪيو، خصوصي صلا??ڪا?? ڊاڪٽر فيصل سلطان اسپتال ج?? نئين ايمرجنسي بلاڪ ۾ مريضن کي فراهم ٿيندڙ سهولتن جي باري ۾ بريفنگ ڏني، صحت واري خصوصي صلا??ڪا?? وزيراعظم کي ٻڌايو ته ڪورونا وبا کي نظر ۾ رکندي ايمرجنسي ۾ ايندڙ مريضن لاءِ مخصوص طريقيڪار جوڙيو ويو آهي، خصوصي صلا??ڪا?? ٻڌايو ته ايمرجنسي مريض کي فوري طور تي ابتدائي طبي امداد جي فراهمي کانپوءِ ان جي حالت موجب ان کي اسپتال جي لاڳاپيل حصي ۾ منتقل ڪيو ويندو آهي. ان طريقيڪار سان ايمرجنسي مريض ۽ اسپتال ۾ په??ين کان موجود مريضن کي جتي ڪورونا کان محفوظ رکڻ ۾ مدد ملندي آهي اتي مريض کي مرض موجب لاڳاپيل شعبي ۾ منتقلي جو عمل به آسان ٿيندو آهي.