اسلام آباد – 28 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان پنجاب جي سينيئر وزير عبدالعليم خان هتي ملا??ات ڪئي ۽ پنجاب ۾ اٽي ۽ ڪڻڪ جي صورتحال تي کيس تفصيلي بريفنگ ڏني. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري پڌرائي موجب ان موقعي تي وزيراعظم هدايت ڪئي ته ڪٿي به اٽي ۽ ڪڻڪ جي ذخيره اندوزي يا کوٽ نه ٿيڻ گهرجي. پنجاب جي خوراڪ واري وزير عبدالعليم خان وزيراعظم پاران پنجاب حڪومت جي تجويزن س??ن اتفاق تي ان جا ٿورا مڃيندي چيو ته ??ڪ لک ٽن ڪڻڪ جي درآمد س??ن اٽي جي صورتحال ۾ وڌيڪ بهتري ايندي.