اسلام آباد – 17 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم جي احتساب بابت خاص مددگار شهزاد اڪبر چيو آهي ته کنڊ جي قيمتن ۾ گهٽتائي لاءِ وفاق?? ۽ ??وبائي سطح تي مشاورت جاري آ??ي، شوگر انڪوائري ڪميش?? جي رپورٽ جي تناظر ۾ بي ضابطگين ۾ ملوث شوگر ملز خلاف ڪارروائي جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. اهڙو اظهار هن پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. احتساب بابت خاص مددگار شهزاد اڪبر چيو ته حڪومت شوگر ڪميش?? جي انڪوائري رپورٽ کان پوءِ وڌيڪ قدم کڻي رهي آ??ي، عوام کي ان کان آگاهه ڪرڻ ضروري آ??ي. هن چيو ته جڏهن 2009ع ۾ کنڊ جو بحران پيدا ٿيو ته چٽاڀيٽي ڪميشن ڪارٽلائيزيش?? جي نشاندهي ڪئ?? ۽ ??ن ۾ ملوث شوگر ملز تي ڏنڊ وڌا. ان وقت شوگر ملز ايسوسيئيشن ۽ ٻين ملن ان تي اسٽي ورتو، اهو اسٽي اڃان تائين برقرار آهي، ان وقت جي حڪومتن ان اسٽي آرڊر کي ختم ڪرائڻ لاءِ ڪوشش نه ڪئي، اهو ئي ماضيءَ جي حڪومت ۽ موجوده حڪومت جي سوچ جو فرق آهي. موجوده حڪومت جي دور ۾ جڏهن کنڊ جو بحران پيدا ٿيو ته وزيراعظم عمران خان فوري طور تي انڪوائري ڪميشن جوڙي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان شفاف،، آزاداڻي انڪوائري ڪرائي ۽ واعدي موجب انڪوائري رپورٽ عوام آڏو آندي. ماضيءَ ۾ ڪنهن ڪميش?? جي رپورٽ پبلڪ نه ڪئي وئي هئي. عزير بلو?? جي جي آءِ ٽي رپورٽ عدالت جي ??ڪم تي سامهون آندي وئي.