اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) اسلامي ترقياتي بئنڪ جي صدر ڊاڪٽر محمد سليمان الجيسر ۽ او آءِ سي جي جنرل سيڪريٽري حسين ابراهيم طحهٰ افغانستان جي لاءِ هيومينيٽرين چارٽر تي صحيح کي خوش آئنده قرار ڏيندي چيو ت?? افغانين جي انساني بنياد تي امداد وقت جي ضرورت آهي، فنڊ جو مقصد افغان عوام کي پاڻ تي ڀاڙڻ ۽ صلاحيتن کي فروغ ڏيڻ ??هي، نوجوانن ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ ڪوششون ڪرڻيون پونديون، سومر ڏينهن پرڏيهي وزارت ۾ انساني همدردي جي بنياد تي ٽرسٽ فنڊ جي ??ارٽر تي صحيح جي ت??ريب کي خطاب ڪندي اسلامي ترقياتي بئنڪ جي صدر چيو ت?? فنڊ جي قيام جو مقصد افغان عوام کي پاڻ تي ڀاڙڻ، فوڊ سيڪيورٽي ۽ تعليم خاص طور تي عورتن جي تعليم کي فروغ ڏيڻ ??هي، هن چيو ت?? اسان کي افغانستان ۾ عورتن جي تعليم ۽ بجلي جي فراهمي جي معاملن تي ڌياڻ ڏيڻ گهرجي، او آءِ سي جي جنرل سيڪريٽري حسين ابراهيم طحه چيو ت?? اسلامي ملڪن جي ت??ظيم افغان عوام جي مدد لاءِ قدم کڻندي. هن چيو ت?? افغانستان ۾ حڪومت جي تبديلي کانپوءِ افغان عوام کي مشڪل صورتحال درپيش آهي. هن چيو ت?? اسان افغان عوام کي سهولتن جي فراهمي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، اسان جو مقصد افغان عوام جي مدد ڪرڻ آهي، هن اسلامي ملڪن ۽ ٻين عالمي ت??ظيمن کي درخواست ڪئي ت?? هو افغان ٽرسٽ فنڊ ۾ وڌي چڙهي حصو وجهن.