اسلام آباد – 19 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه مح??ود قريشي چي?? آهي ته پوري دنيا اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ تي متفق ٿي چڪي آهي، او آءِ سي اجلاس ۾ سئو کان وڌيڪ قراردادون بحث هيٺ اينديون، ڪشمير مسئلي تي دنيا جو ڌيان ڇڪرائينداسين. هو پرڏيهي وزارت ۾ اطلاعات ۽ ??شر??ات واري وفاقي وزير ??وڌري فواد حسين سان گڏ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جو سرڪاري ترانو جاري ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. پرڏيهي وزير ??يو ته پاڪ??تا?? ڪجهه مهينن ۾ ٻيون ڀيرو مسلمان امت جي ميزباني ڪري رهيو آهي جيڪا اعزاز جي ڳالهه آهي. هي اجلاس ان لاءِ به منفرد آهي جو اهو پاڪ??تا?? جي 75 هين آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي منعقد ٿي رهيو آهي. هن چي?? ته او آءِ سي جا پرڏيهي وزير 23 مارچ تي پريڊ ۾ شريڪ ٿيندا. پرڏيهي مهمان اسان جي ثقافت ۽ ان ڏينهن جيڪو قومي يڪجهتي جو مظاهرو ٿي رهيو آهي، ان جو مشاهدو ڪندا. پرڏيهي وزير ??يو ته او آءِ سي اجلاس جي لاءِ اطلاعات ۽ ??شر??ات واري وزارت جون تمام گهڻيون ڪوششون آهن. هن چي?? ته اجلاس اهڙي وقت ٿي رهيو آهي جڏهن مسلمان امت کي فلسطين ۽ ڪشمير مسئلي سميت ڪيترائي چئلينجز درپيش آهن جڏهن ته ڪشمير ۽ فلسطين جا مسئلا اڳ کان وڌيڪ اهميت اختيار ڪري ويا آهن. افغان??تا?? ۾ به انساني بحران جاري آهي. انهن چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ خيالن جي ڏي وٺ جو موقعو ملندو. هن چي?? ته ڪشمير مسئلي تي دنيا جو ڌيان ڇڪرائينداسين. او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي لاءِ جاري ڪيل تراني کي ناليواري گلوڪار علي ظفر ڳايو ۽ ٻيهر ٺاهيو آهي ۽ وڊيو الڪريم بيگ تيار ڪئي آهي.