اسلام آ??اد – 05 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آه?? ته نواز شريف ۽ زرداري ماضي جو قصو بڻجي چڪا آه??، انهن جو ڪو مستقبل نه آه?? ۽ نه ئي حال، جڏهن ڪو سياستدان پنهنجي پيرن تي بيهي سياست نه ٿو ڪري سگهي ته ان کي افواهن جو سهارو وٺڻو هوندو آه??، پاڪ فوج جي ترجمان به قياس آرائين کي رد ڪري ڇڏيو آه??. اهڙن خيالن جو اظهار هن وفاقي گهرو وزير جي ڪتاب ”لال حويلي کان گڏيل قومن تائين – سياست جا 50 سال“ جي مهورتي تقريب کي خطاب ۽ صحافين سان غيررسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. چوڌري فواد حسين چيو ته مستقبل جا سياستدان ڪي ٻيا آه??، اهو سلسلو زرداري ۽ نواز شريف کانسواءِ ئي اڳتي هلڻو آه??. ان کان اڳ تقريب کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته شيخ رشيد احمد اسان جي سياست جو روشن رخ ??هي، هن سدائين ملڪي سياست جو روشن رخ ??جاگر ڪيو. چوڌري فواد حسين شيخ رشيد احمد جي سياسي خدمتن تي کيس خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته شيخ رشيد احمد 1977ع ۾ پهرين چونڊ وڙهي، ان وقت کان وٺي اڄ تائين هو ملڪي سياست جو محور رهيو آه??. هن چيو ته هڪ سياسي ڪارڪن جي حيثيت سان پنهنجو سفر شروع ڪندڙ شخص اڄ ملڪ جي ناليواري شخصيت آه??. هن چيو ته شيخ رشيد احمد جنهن پوزيشن تي به هجي پاڪستان جي ميڊيا کيس ڏسي ۽ ٻڌي ٿي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مستقبل جو تجزيو ڪرڻ ۽ پاڪستان جي سياست جو رخ ??عين ڪرڻ ۾ شيخ رشيد احمد جو آواز اهميت رکي ٿو، شيخ رشيد احمد جي ڪتاب ۾ شيخ رشيد احمد پنهنجي سياسي سفر جي ڪهاڻي پيش ڪئي، ڪتاب جي ڪامياب مهورتي تقريب تي کيس مبارڪ??اد پيش ڪريان ٿو.