تهران – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه م??مو?? قريشي هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي برادري تي زور ڏنو آهي ته هو افغان عوام کي معاشي ۽ انساني بحران مان ڪڍڻ جي لاءِ معاونت ڪري، افغان عوا?? جي معاونت جي لاءِ م??جمند اثاثا فوري طور تي بحال ڪيا وڃن. افغانستان جي حوالي سان پاڪستان ۽ ايران هڪ پيج تي آهن. افغانستان ۾ امن پوري خطي جي مفاد ۾ آهي، امن سان خطي ۾ واپاري سرگرمين کي هٿي ملندي. تهران ۾ پنهنجي ايراني هم من??ب سان ملاقات کانپوءِ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته افغانستان جي صورتحال جي حوالي سان پاڪستان ۽ ايران جي موقف ۾ هڪ جهڙائي آهي، ان سلسلي ۾ ٻئي ملڪ هڪ پيج تي آهن. پرڏيهي وزير چيو ته ايراني هم من??ب سان ملاقات ۾ افغانستان ۽ علائقائي ص ورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. ٻئي ملڪ علائقائي رابطن جي فروغ ۽ معاشي استحڪا?? جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن، اسان افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام ۽ خوشحالي چاهيون ٿا. هن چيو ته افغانستان ۾ امن پوري خطي جي مفاد ۾ آ??ي. ??رڏيهي وزير چيو ته افغانستان جي عوام گذريل چار ڏهاڪن دوران جنگين مان تنگ اچي چڪو آهي ۽ افغان عوام خاص طور تي امن ۽ استحڪا?? جي مستحق آ??ي. ??رڏيهي وزير چيو ته عالمي برادري افغانستان ۾ انساني بحران کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ڪري. افغانستان ۾ امن سان خطي ۾ واپاري سرگرمين کي فروغ ملندو. هن چيو ته افغان عوا?? جي مدد جي لاءِ م??جمند اثاثا فوري بحال ڪيا وڃن.