فيصل آباد – 16 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته ڪورونا جي عالمي وبا پوري دنيا جي معيشت جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو آهي ۽ انهي جي ڪري عالمي منڊي ۾ تيل جون قيمتون وڌڻ سان اسان کي به پيٽروليم مصنوعات جي ق??متن ۾ اضافو ڪرڻو پيو پر پوء?? به حڪومت جي پوري ڪوشش آهي ته عوام تي گهٽ کان گهٽ بار وڌو وڃي جنهن سان گڏوگڏ معاشري جي پيڙهيل طبقي کي وڌ کان وڌ ريليف ڏيڻ جي ??اء?? قدم کڻي رهيا آهيون جڏهن ته انڊسٽري به ترقي ڪري رهي آهي جنهن سان روزگار جا موقعا پيدا ٿي رهيا آهن، جڏهن ته عوام کي راشن ڪارڊ جي طرز تي احساس ڪارڊ ذريعي ا??ي، کنڊ، گيهه، دالين تي سڌوسنئون سبسڊي ڏينداسين، پي ڊي ا??م جيترا مرضي جلسا جلوس، ريليون ڪري ا??ا پنهنجي موت پاڻ مري چڪي آهي ۽ لولي لنگڙي، ٽٽل ڦٽل، سياسي بيروزگارن جي پي ڊي ا??م سان حڪومت کي ڪو خطرو نه آهي ڇو ته عوام انهن چورن، ڦورن ۽ قومي ڏوهارين کي بچائڻ جي ??اء?? ٻاهر نه نڪرندي. گورنمينٽ ماڊل ايم سي گرلز هائير سيڪنڊري اسڪول سمن آباد فيصل آباد ۾ رحمت اللعالمين صه عشره جي سلسلي ۾ منعقد تقريب جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته عالمي سطح تي تيل جي ق??متن ۾ اضافو ٿيو آهي جنهن سان پاڪستان سميت سمورا ترقي يافته ملڪ ان سان متاثر ٿيا آهن. هن چيو ته جڏهن پيٽروليم مصنوعات جون قيمتون 37 ڊالر في بيرل تي هيون ته حڪومت عوام کي ريليف ڏيندي رهي پر هاڻي ا??ا قيمت ٻيڻي کان به وڌي 85 ڊالر في بيرل تي پهچي وئي آهي ??نه?? ڪري حڪومت کي به قيمتن ۾ ڪجهه اضافو ڪرڻو پيو آهي پر پوء?? به حڪومت پيٽرول تي سيلز ٽيڪس 17 مان گهٽ ڪري 6.84 سيڪڙو ۽ پيٽروليم ليوي کي گهٽ ڪري 25 کان 30 بدران 5.64 رپيا ڪيو اهڙي طرح حڪومت پنهنجو روينيو گهٽ ڪيو ته جيئن عوام تي وڌيڪ بار نه پوي جڏهن ته ٻين ملڪن ۾ پيٽرول جون قيمتون اڃا به پاڪستان کين وڌيڪ آهن. فرخ حبيب چيو ته دنيا ۾ پيٽروليم مصنوعات جي ق??متن ۾ 13.5 سيڪڙو اضافي جي ابتڙ اسان 8 سيڪڙو اضافو ڪري اربين جو بار پاڻ کنيو آهي. هن چيو ته اهڙي طرح ڪوئلي جنهن سان بجلي پيداوار انڊسٽري هلي ٿي جي ق??مت عالمي سطح تي 50 ڊالر في ٽن کان وڌيڪ 250 ڊالر ۽ کاڄرو تيل جي ق??مت 500 ڊالر في ٽن مان وڌي 1200 کان 1300 ڊالر في ٽن ٿي وئي آهي جنهن سان گڏوگڏ ڪنٽينر شپنگ جا جيڪي چارجز اڳ ۾ 2000 ڊالر ۽ پهچ 1 مهينو هئي هاڻي ا?? جا چارجز وڌي 8000 کان 10 هزار ڊالر ۽ پهچ 3 کان 4 مهينا ٿي چڪي آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير چيو ته گڏيل قومن جي ذيلي اداري ورلڊ فوڊ آرگنائيزيشن جو چوڻ آهي ته 1970ع کانپوءِ ڪورونا جي عالمي وبا جي ڪري دنيا ۾ مهانگائي جي بدترين لهر آئي آهي جڏهن ته بلوم برگ پڻ ان جي تائيد ڪئي آهي پر ان جي باوجود اسان عوام کي ريليف ڏيڻ جي سموري ڪوشش ڪري رهيا آهيون ۽ ان ڏس ۾ اسان جون گيهه ملز مالڪن سان ڳالهيون هلي رهيون آهن ته جيئن گيهه جي ق??متن ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي جنهن جي ??اء?? حڪومت ٽيڪسن جي مناسب گهٽتائي ??اء?? پڻ تيار آهي. هن چيو ته حڪومت ايندڙ مهيني نومبر ۾ راشن ڪارڊ جي طرز تي 1 ڪروڙ 20 لک غريب خاندانن کي احساس ڪارڊ جاري ڪري رهي آهي جنهن تي ا??ي ا??ي، کنڊ، دالين ۽ گيهه تي سڌوسنئون سبسڊي حاصل ڪري سگهندا.