اسلام آباد – 30 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي پاڪستان جي رو??نگ?? واپار کي وڌائڻ جي قدمن جا مثبت نتيجا اچڻ شروع ٿي ويا آهن، جولاءِ 2021ع ۾ 19.7 سيڪڙو اضافي سان رو??نگ?? واپار 2.3 بلين ڊالرز ۽ ٽيڪسٽائيل رو??نگ?? واپار 1.49 بلين ڊال??ز رڪارڊ ٿيو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته رو??نگ?? واپار ۾ اضافو پاڪستان ۾ پرڏيهي ناڻي ۾ پڻ اضافي جو سبب بڻجي ٿو. هن چيو ته 2018ع ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف کي حڪومت ملي ته (ن) ليگ جي غلط پاليسين جي ڪري ٽيڪسٽائيل انڊسٽري کي تالا لڳل هئا، پاور لومز ڪٻاڙ جي اگهن ۾ وڪ??و ٿي رهيون هيون ۽ اڄ ٽيڪسٽائيل انڊسٽري پنهنجي عروج تي آهي. هن چيو ته ٽيڪسٽائيل جي رو??نگ?? واپار ۾ رڳو جولاءِ 2021ع ۾ 17 سيڪڙو وڌيڪ اضافو ٿيو آهي.